تصوف، خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ انهي املهه تعلق کي سڃاڻڻ جي عملي واٽ آهي جيڪو سون سريکو ۽ سچو سٻنڌ ، محبت جي ميخن سان هنيل آهي، جنهن جو پيچ، ايئن ڪڙي منجهه ڪڙو آهي، جيئن ڪنهن ڪاريگر لوهار ان کي لپيٽيو هجي