ماري لفظ جو بنيادي لفظ مار آهي جيڪو اسم آهي
ماري جو مطلب آهي ماريندڙ جيڪو مارڻ جو عمل ڪري ٿو
مار جو مطلب سٽڪو ڏيڻ ، ڪٽڻ ، سيکت وغيره آهي
اڄ اسلم گوپال کان تمام گھڻي مار کاڏي
مارا مار ؛ هي لفظ به اسم آهي جنهنجو مطلب آهي موچڙا ڪٽ ، ڊوڙڊڪ ، ڪشمڪش ، مارا ماري
تمام گھڻي مارامار کانپوءِ وڃي ڪو اسلم مڃيو آهي
ماريل؛ هي لفظ به مار مان نڪتل آهي جنهن جو مطلب آهي مارجي ويل
مار لفظ صفت ٻ آهي جنهنجو مطلب آهي ماريندڙ ، ڏکوئيندڙ ، ناس ڪندڙ ،
مثال ؛ هي دوا ته موت مار آهي
ماري ڇڏڻ ، مار ڪڍڻ فعل سان گڏ استعمال ٿين ٿا
ماريو مارڻ جي ٻي صورت آهي جنهن جو مطلب آهي ڪنهن کي ڪجھ وقت اڳ۾ ماريو
عورتون ڪاوڙ ۾ پنهنجي مڙس کي به ماريو چونديون آهن