ڦڪو جو اسم ڦڪائي آهي
ڦڪائي ڇڏ ۽ جلدي اچ ماني کاءُ
ڦَڪي
ڦ کي زبر ڏيڻ سان لفظ مٽجي وڃي ٿو
کاڦَڪي دوا جو قِسم آهي
ڦَڪي کائڻ سان پيٽ جو سور ختم ٿي ويو
ڦڪو لفظ صفت آهي جنهن جون مختلف معانائون آهي
ڦڪو رنگ جو قسم آهي جئين پيلي يا زرد رنگ کي ڦڪو رنگ به چون ٿا
باغ ۾ گينڊي جي گلن جو رنگ ڦڪو هو
ڦڪو ٿيڻ شرمائڻ کي به چون ٿا.
اسلم دوستن سان گڏ ڦڪو ٿئي پيو
لفظ ڦڪو ذائقي لاءِ به استعمال ٿئي ٿو
جڏهن کاڌي ۾ لوڻ مرچ يا مصالا گھٽ هوندا آهن ته تڏهن چئبو آ ته کاڌو ڦڪو آهي. هت ڦڪو جو مطلب بي سوادو آهي
گھٽ مٺي شيءَ کي به چئبو آ ته لڏون ڦڪو آ
ڦڪا لفظ ڦڪو جو جمع آهي
ڦِڪو ٿيڻ
ڦڪو ٿيڻ فعل مرڪب آهي